جنيوا ڍنڍ

جنيوا ڍنڍ

جنيوا ڍنڍ

جنيوا ڍنڍ(Geneva Lake):هيءَ ڍنڍ وچ يورپ جي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي. سوئيزرلينڊ جي هن ڍنڍ جي پکيڙ 580 چورس ڪلوميٽر آهي. هيءَ ڍنڍ سوئيزرلينڊ ۽ فرانس کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ٿي، ڍنڍ جو وڏو حصو اٽڪل 363 چورس ڪلوميٽر سوئيزرلئنڊ ۾ اچي ٿو. هن جي ڪناري تي ٻه وڏا شهر جنيوا ۽ لوسا واقع آهن. هلال (پهرينءَ جي چنڊ) جي شڪل واري هيءَ ڍنڍ سمنڊ جي سطح کان 1250 فٽ اوچي آهي، هن جي ويڪر 14 کان 24 ڪلوميٽر ۽ ڊيگهه 72 ڪلوميٽر آهي. رهون نالي درياءُ هن ڍنڍ کي پاڻي پهچائي ٿو. هن وقت درياهي مٽيءَ جي گڏ ٿيڻ سبب هن ڍنڍ جي گهرائي ۽ ويڪر ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. هن ڍنڍ جي ڪري اتان جي آسپاس جي ماحوليات تي وڏو خوشگوار اثر پوي ٿو.


لفظ جنيوا ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو